اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي خط ??ي گهري ڳڻتي جو اظهار ۽ غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏيندي چيو آهي ته خط پا??ستان جي اندرين معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي. ان تي باقاعده سفارتي ذريعن سان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 37 هون اجلاس وز??راعظم هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ دفاع، توانائي، اطلاعات ۽ نشريات، گهرو، ناڻي، انساني حقن، منصوبابندي جي وفاقي وز??رن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس، قومي سلامتي جي صلاحڪار ۽ سينئر ??فيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب قومي سلامتي واري صلاحڪار ڪميٽي کي هڪ ٻاهرين ملڪ جي سينئر ??هديدار جي ان ملڪ ۾ هڪ باضابطه اجلاس ۾ پا??ستان جي سفير کي باضابطه خط ??ي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن ۾ سفير پرڏيهي وزارت کي باقاعده طور تي آگاهه ڪيو. ڪميٽي خط ??ي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غير ملڪي عهديدارن پاران استعمال ڪيل زبان کي غير سفارتي قرار ڏنو، ڪميٽي اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو خط ڄاڻايل ملڪ پاران پا??ستان جي داخلي معاملن ۾ کلي مداخلت جي برابر آهي جيڪو ڪنهن به حالت ۾ ناقابل قبول آهي، ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پا??ستان سفارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي باضابطه ذريعي سان اسلام آباد ۽ ان ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. شرڪت ڪندڙن جي قومي سلامتي ڪميٽي جي ان ڪئميرا بريفنگ جي ذريعي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ 30 مارچ 2022 تي وز??راعظم جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ خصوصي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا جي ڪيل فيصلي جي توثيق ڪئي.