جده – 30 211; ??پريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان و??يراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ول?? عهد سعودي وفد سان و??يراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنه?? ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ول?? عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .