اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ ??لا??ي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف راول چوڪ ??لا??ي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراعظم شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻا??و وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪ??و وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداش?? نه ڪ??و ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌا??و ويو ته راول چوڪ ??لا??ي اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪ??و وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداش?? نه ڪ??و ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻا??و وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻا??و وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعاي?? نه ڪئي ويندي. وزيراعظم راول چوڪ ??لا??ي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وزيراعظم منصوبي جي دير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪيپنگ بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪيپنگ کي به يقيني بڻا??و وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪ??و ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ ??لا??ي اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي دير جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪمل ڪ??و وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.