مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ا??ان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت ??ان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن مو??ب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي ??ي چيو ته مسجد اق??يٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوش??ون ڪيون وڃن، هن زور ڏنو ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اق??يٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ته عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوش??ون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي سيڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا تي پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.