اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجاب??دي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمر??ن خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??مران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته ??حافت جي آزادي جي درجاب??دي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمر??ن خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جمهوريت به بدنام ٿي. شهباز شريف چيو ته ??سان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته ??طلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 ملڪن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 هين نمبر ت?? رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمر??ن خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.