اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي ر??ي آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري ر??ي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ اسان کي پنهنجي نو??وا??ن کي ر??زگار ڏيڻو آهي، چين سان ڪڏهن به ايترا بهتر لاڳاپا نه هئا جيترا هاڻي آهن، گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪري ر??يا آهيون. ميسرز ايم ايس ڊي ٽائر اينڊ رٻر ڪمپني، ميسرز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊائيوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس ??ي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائرن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.