مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان تحريڪ انصاف آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري جي قيادت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي پارلياماني پارٽين جي ??ڳو??ڻن جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙن ۾ مسلم ڪانفرن?? جو سپريم هيڊ سردار عتيق احمد خان، مسلم ڪانفرن?? جو صدر مرزا شفيق احمد جرال، جماعت اسلامي جو پارلياماني ليڊر عبدالرشيد ترابي، جماعت اسلامي جو امير ڊاڪٽر خالد محمود، پيپلزپارٽي ڄمون ڪشمير جو صدر سردار حسن ابراهيم، مخالف ڌر ??ڳو??ڻ چوڌري محمد ياسين ۽ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري لطيف اڪبر شامل هئا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر ۽ قانونساز ا??يم??لي جو اسپيڪر شاهه غلام قادر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.