اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ??اب??نا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحر?? ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت ا??من?? گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ ا??ور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ??اب??نا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.