اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ??ري ??ڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ??يل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون ان ??ان??وءِ وڌيڪ فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 50 فوتگيون ٿيون جنهن مان 27 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 482 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 50 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 45 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان م??تان ۾ 45 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، لاهور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 41 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولتن واري بسترن تي اسلام آباد ۾ 30 سيڪڙو، ملتا?? ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 509 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 699، پنجاب ۾ 15 هزار 562، خيبرپختونخ??اه?? ۾ 4 هزار 798، اسلام آباد ۾ 5 هزار 167، بلوچستان ۾ 599، گلگت بلتستان ۾ 413، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي چڪو آهي. گلگلت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي.