اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ قدم کنيا، احساس پروگرام، لنگ?? خانا، پناهگاهون ۽ ڪامياب ج??ان پروگرام ان جو چٽو ثبوت آهي، هاڪر سخت موسمن ۾ به اخبارون گهر گهر تائين پهچائڻ جون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ موقعن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي رڳو هڪ خاص طبقي کي نوازيو ويو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ هاڪرن جي لاءِ پيڪيج جي اعلان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي سيڪريٽر?? زاهده پروين، ايم ڊي پاڪستان بيت المال عون عباس بپي، ٽڪا خان کانسواءِ گڏيل شهرن جي اخبار وڪرو ڪندڙن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو.