اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم شيخوپوره ??ڃي ثابت ڪري ڇڏيو ته جاويد لطيف ادارن جي خلاف بيان سندس آشيرواڌ تي ڏنو هو، ڪو به پاڪستاني جيڪو پاڪستان ۾ پيدا ??يو هجي ۽ پاڪستان ان کي عزت ڏني هجي اهو ڪيئن پاڪستان نه کپي چئي سگهي ٿو، ادارن جي خلاف ڳالهيون ٿينديون ته قانون پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪندو آهي. هو نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ اه??و ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهڙوڪ ورلڊ ڪپ کٽي آيا هجن، پاڪستان جي هر باشعور ماڻهو جاويد لطيف جي بيان جي مذمت ڪئي آهي.