اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي ڪامرس جي اه??يت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ايمازون سيلرز جي فه??ست ۾ شموليت سان ملڪي برآمدات کي فروغ حاصل ٿيندو ۽ نوجوان انٽر پرينيور لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا، ان سان ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ۾ اضافو ٿيندو، عالمي مارڪيٽ ۾ چٽاڀيٽي لاءِ مصنوعات جي ويليو ايڊيشن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ا??ابلرز ثاقب اظهر پاڪستان جي ايمازون سيلرز فه??ست ۾ شامل جي ڏس ۾ اڀرندڙ موقع?? بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ا??ابلرز ثاقب اظهر، نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسن، واپار واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري عائشه حمير، مختلف اي ڪامرس ادارن جي سينئر ميمبرن، ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ا??ابلرز ثاقب اظهر ا??مازون ۽ اي ڪامرس سيلرز کي درپيش مسئلن ۽ اي ڪامرس جي موقع?? بابت بريفنگ ڏني. چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ا??ابلرز ثاقب اظهر ا??مازون ۽ اي ڪامرس سيلرز کي درپيش مسئلن ۽ اي ڪامرس جي موقع?? بابت بريفنگ ڏني، نيوٽيڪ چيئرمين سيد جاويد حسن ٻڌايو ته سندس ادارو نوجوان انٽرپرينيورز کي اي ڪامرس جي شعبي ۾ تربيت لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن هو اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن.