لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري ??هي?? ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ ??هي?? اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان سندس فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض ??هي?? اس??ن وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام ??هي?? اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ ??هي?? اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن ان??ن ۾ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اس??ن وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت ??هي?? وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.