اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جا??ي ڪرڻ ج?? طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آم??يڪا ۾ ره??دڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر وفاقي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪيل پنهنجي فيصلي تي بنا دير قانون موجب عملدرآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري وفاقي محتسب جي فيصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ ج?? خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ ج?? اپيل ڪئي هئي. وفاقي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پنهنجي فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آم??يڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ ج?? سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪ??دڙ ان فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿي??دڙ ٻڌڻي ۾ وفاقي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جا??ي ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي هئي.