پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ نئين تعمير ٿيندڙ آپريشن روم ۽ انتهائي نگهداشت جي يونٽ جو افتتاح ڪيو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جو دورو ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ان جديد سهولتن جي ا??تتاح سان پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال جي مڪمل ٿيڻ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيو آهي. پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 2015ع ?? کولي وئي هئي، وزيراعظم چيو ته پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال ۽ ريسرچ سينٽر جي قيام سان خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ اترين علائقن جي عوام کي هڪ ڇت هيٺ ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج جون سموريون سهولتون ميسر اينديون. هن چيو ته لاهو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي، ان وقت جي سمورن مريضن جي تعداد ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۽ افغانستان مان علاج لاءِ لاهور ويندا هئا، جنهن جي ڪري اسان پشاو?? ۾ ??وڪت خانم ميموريل ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، وزيراعظم سرندي وارن ماڻهن کي ا??يل ڪئي ته هو فراخدلي سان عطيا ڏيندا رهن ته جيئن ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ اهي ٻئي اسپتال مريضن جي تعداد ۾ اضافي جي باوجود انهن جو مفت علاج جاري رکي سگهن ۽ منصوبي موجب ڊسمبر 2023ع ۾ ڪينسر جي مريضن جي علاج لاءِ ڪراچي ۾ به نئين اسپتال ڪم شروع ڪندي.