اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ??اءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ ج?? ضرورت آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر عارف علوي جي صدارت ۾ اي ووٽنگ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم خان سواتي، نا??را چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ آءِ ٽي سي??ري??ري محمد سهيل راجپوت شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس جي دوران چ??و ته 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ??اءِ سڌارن جو عمل وقت سر مڪمل ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ??اءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نا??را چيئرمين اجلاس کي اي ووٽنگ ۾ هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو و??و ته اي ووٽنگ تي اليڪشن ڪميشن ۽ نا??را گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، نا??را اليڪشن ڪميشن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ مدد فراهم ڪندو، اجلاس ۾ نا??را کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته اي ووٽنگ تي نا??را جي ڪوششن کي به ساراهيو ويو.