اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ اسپيشل تيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي ??زي?? سيني??ر شبلي فراز، گلگت بلتستان جي وڏي ??زي?? خالد خورشيد، ??زي??اعظم جي خاص معاون ڊاڪ??ر شهباز گل، خيبرپختونخواهه جي آءِ ٽي واري صوبائي ??زي?? عاطف خان، بلوچستان جي صنعت واري صوبائي ??زي?? حاجي محمد خان طور، پنجاب جي آءِ ٽي واري صوبائي ??زي?? همايون ياسر ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو ??زي??اعظم، پنجاب جو وڏو ??زي??، بلوچستان جو وڏو ??زي?? ۽ ٻين صوبن جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي اجلاس کي ملڪ ۾ مختلف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز قائم ڪرڻ ۽ انهن زونز ۾ سيڙپڪارن کي ميسر سهولتن ۽ مراعتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جو مقصد ٽيڪنالاجي ٽرا??سف??، غيرملڪي سيڙپڪاري، افرادي قوت جو فروغ، ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ، نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ روانگي واپار کي وڌائيندي درآمدات جو متبادل پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ سيڙپڪارن کي وفاقي حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن ۽ سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??زي??اعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فروغ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي ۽ حڪومتي ادارن جي مضبوط پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي پنهجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي لاءِ موزون ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هر اها سهولت فراهم ڪري رهي آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ميسر اچي ٿي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ ون ونڊو آپريشنز کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کان بچائي سگهجي. ??زي??اعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته آڪٽوبر جي مهيني ۾ دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ايڪسپو جهڙي موقعي جو ڀرپور فائدو کنيو وڃي ۽ ملڪ جي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ۾ ملندڙ موقعن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي.