اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته مسلمان امت قيادت لاءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب طرف ڏسندي آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت پوري دنيا جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ – سعود?? لاڳاپا ۽ ماضي، حال ۽ مستقبل جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي جو پهريون معاهدو 1951ع ۾ ٿيو، سعودي عرب سان پاڪستان جي دوستي جي ڊگهي تاريخ آهي، پاڪستاني سعودي عرب سان دلي محبت ڪندا آهن. هن چي?? ته جڏهن پاڙيسري ملڪ جي ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ پاڪستان ايٽمي ڌمڪا ڪيا ته ان تي پاڪستان کي پابندين کي منهن ڏيڻ?? پيو، ان موقعي تي دوست ملڪن پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چي?? ته سعودي عرب سان پاڪستانين جي محبت سدائين رهندي. پاڪستاني مزدور سعودي عرب جي تع??ير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ اهو وڏو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان به ??وڪ??يندا آهن، پاڪستاني مزدور ۽ پروفيشنلز سعودي عرب ۾ ڪم ڪرڻ جي دلي خواهش رکندا آهن، هن چي?? ته سعودي عرب افغان پناهگيرن جي معاملي تي اسان جي مدد ڪئي، عالمي سطح تي ٻنهي ملڪن جو تعاون مثالي آهي، مسلمان امت سعودي عب ۽ پاڪستان ڏانهن ڏسندي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت دنيا جي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر چي?? ته اسان سعودي عرب جي سرزمين کان سياست، ماحوليات ۽ انسان?? لاڳاپا سکيا، سعودي عرب جي تاريخ جي تناظر ۾ اسان کي خطي، نظريات ۽ عوام سان محبت آهي، جيستائين هي ڪائنات قائم آهي اها محبت قائم رهندي، هن چي?? ته حضور اڪرم ﷺ ۽ خلفاء راشدين دنيا سان لاڳاپن لاءِ جيڪي اصول جوڙيا اهي هاڻي نظر نٿا اچن، دنيا کي اهڙي قيادت جي ضرورت آهي جيڪا اخلاقيات، همدردي ۽ اصولن جي بنياد تي هجي نه ور?? لاڳاپن کي واپار ۽ مفادن سان جوڙيو وڃي، هن چي?? ته سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ماحوليات سميت ٻين شعبن جي باري ۾ بهترين ويزن رکي ٿو، سعودي عرب ويزن 2030ع تاريخي تبديلي آهي، سعودي عرب ۾ نوان شهر قائم ڪيا ويندا، اهو وڏو منفرد ڪاروباري مرڪز بڻجي ويندو، هن چي?? ته پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو دنيا لاءِ مثال آهي، دنيا افغانستان مان نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ٿورائتي آهي پر ان جي باوجود پاڪستان جي خلاف فيڪ نيوز جي بيناد تي مهم هلائي پئي وڃي، هن چي?? ته پوري پاڪستاني قوم حرمين شريفين جي تحفظ لاءِ تيار آهي، پاڪستانين کي جيتري پاڪستان سان محبت آهي ايتري ئي سعودي عرب سان آهي، صدر ان موقعي تي سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي مبارڪباد ڏني.