اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊس??رڪ?? منصوبا حڪومت جا فيلگ شپ منصوبا آهن، انهن منصوبن سان غير م??ڪي سيڙپڪاري ۽ معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊس??رڪ??، والٽن بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ٻئي حڪومت جا فليگ شپ ريئل اسٽيٽ پروج??ڪٽ?? آهن جنهن سان ملڪ ۾ جديد، خود ڪفيل، صاف سٿري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهبو، اه?? منصوبا ملڪ ۾ غير م??ڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهن، ته جئين معاشي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهجي، آر يو ڊي اي خاص طور تي لاهور شهر جي ماحول ۽ زير امين پاڻي جي سطح بهتر رکڻ لاءِ اهم آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو لاهور شهر جي پائيدار ترقي لاءِ ماڻهن کي انهن ٻن ميگا رئيل اسٽيٽ پراج??ڪٽ?? خاص طور تي آر يو ڊي اي جي اهميت ۽ فائدن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ موثر م??ڊيا پلان جوڙي. وزيراعظم انهن منصوبن جي ڪاميابي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف قانوني مسئلن کي حل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. سي اي او روڊا وزيراعظم کي ٻڌايو ته سينٽرل بزنس ڊس??رڪ?? (سي بي ڊي) ۾ رستن ۽ سيوريج ج?? منصوبن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهي، وڻن ج?? منتقلي تي به نه رڳو 98 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر ان علائقي ۾ 5000 جي لڳ ڀڳ وڻ به پوکيا پيا وڃن، وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته والٽن لاهور ۾ 122 ايڪڙ زمين تي باب پاڪستان پراجيڪٽ 500 ملين آمريڪي ڊالر جي سيڙپڪاري سان تعمير ڪيو پيو وڃي. سي بي ڊي تازي جاري دبئي ايڪسپو جي دوران 250 ملين آمريڪي ڊالر جي غير قانوني سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪرڻ وڃي رهيو آهي، سينٽرل بزنس ڊس??رڪ?? (سي بي ڊي) ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي ان??ظانيه روينيو شيئرنگ مادل تحت لاهور ايئرپورٽ جي غير زير استعمال زمين تي ڪمرشل ڊس??رڪ?? تيار ڪرڻ جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ رک جهوڪ ٻيلي جي ترقي تي به ڪم جاري آهي.