اسلام آباد – 26 – نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻط??في لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ش??بن ۾ مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻط??في اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد مل??دي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت مختلف ش??بن ۾ موجوده ٻط??في تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.