اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي، اي پي پي اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، فلم، ڊراما ۽ ميوزڪ جي شعبي ۾ پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ملاقات لاءِ آيل آذربائيجان جي سفير خضر فرحادوف سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت فلم، ڊراما، ميوزڪ ۽ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان سان گڏجي ظهير الدين بابر تي هڪ ف??م تيار ڪئي پئي وڃي، اسان آذربائيجان سان گڏ به فلم ۽ ڊرامي جي صنعت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پ??ڪس??اني ڊرامن جو ترجمو ڪري آزبائيجان جي عوام کي پيش ڪري سگهجي ٿو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پ??ڪس??ان سياحت لاءِ خوبصورت ۽ پرڪشش ملڪ آهي، آذربائيجان جي عوام فلم ساز ۽ ڊراما نگار پ??ڪس??ان جي سياحتي ماڳن مان فائدو وٺي سگهن ٿا، چوڌري فواد حسين چيو ته سڄي دنيا کي فيڪ نيوز جو چئلينج درپيش آهي، ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون وقت جي اهم ضرورت آهي، ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون خاص طور پ??ڪس??ان جي سرڪاري نيوز ايجنسي اي پي پي، اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ميڊيا ونگ ۽ آذربائيجان جي سرڪاري نيوز ايجنسي جي وچ ۾ خبرن ۽ معلومات جي مٽاسٽا سان فيڪ نيوز جو خاتمو ممڪن آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پ??ڪس??ان جي حڪومت ملڪي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکن??ي نه رڳو ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو ڪيو پر سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي اختيار ڪندي ملڪي معي??ت کي به مستحڪم بڻايو، اڄ سڄي دنيا وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي ساراهي ٿي، آذربائيجان جي سفير حڪومت ج?? سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به وزيراعظم عمران خان جي قدمن ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جون مثال دنيا جي سامهون پيش ڪيون، هن افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪئي، خضر فرحادوف چيو ته افغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ پ??ڪس??ان ۽ آذربائيجان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پراميد آهن.