اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته پيپلزپارٽي بلدياتي ادارن کي ??فل??ج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي معاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ته زرداري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ??اهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپلزپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي چڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپارٽي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهي?? آهي. فرخ حبيب چيو ته 13 سان کان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو منصوبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي منصوبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻ?? چورن کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو جيڪي اربين روپين جي ڪڻ?? کائي ويا آهن، پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏن?? آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻ?? سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهي?? آهي ته اهو سنڌ جو علائق?? آهي، پيپلزپارٽي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماري?? آهي.