بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي ج?? امن، استحڪام ۽ ترقي ج?? لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بح??ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظ?? عم??ان خان چين جي صدر شي ج?? پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيراعظ?? عم??ان خان جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائ?? ۽ ??المي اهميت جي گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظ?? عم??ان خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي ق??اد?? ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظ?? عم??ان خان واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي ج??ڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترق?? ۽ ??من ۽ استحڪام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيراعظ?? عم??ان خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ج?? لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيراعظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي ج?? آجيان ڪئي ج??هن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي ج?? معيار ۾ بهتري آهي. وزيراعظ?? عم??ان خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري ج??ڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ايس ايس، بي ج?? پي ج?? اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيراعظ?? عم??ان خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو سهارو آهي. هن چين پا??ان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي ج?? اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيراعظ?? عم??ان خان سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي ترق?? ۽ ??ابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بح??ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي ج?? تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيراعظ?? عم??ان خان چين جي صدر شي ج?? پنگ کي پاڪستان جي دوري ج?? دعوت پڻ ڏني.