اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي و??يلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي و??ڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽ?? ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي و??ارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي سفارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ??يچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي و??يلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي و??يلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موثر قدم کڻڻا پوندا.