اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پشاور قصه خواني جامعه مسجد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪ??ي آهي ۽ چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ اسلام جا دشمن آهن، جن کي الله تعاليٰ جي گ??ر جي حرمت نه آهي اهي انسان سڏرائڻ جي لائق به نه آهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي ??اء?? پرعزم آهي، دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي دل ڏکويل آهي، دهشتگردي خلاف جانيون ڏيندرن جو رت رائيگان نه ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت زخمين کي هر ممڪن بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي ??اء?? دعاگو آهيون.