اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊپٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي ??زير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏيهي ??زير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ان??ن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ??زير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام جي ??ما??ت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آ??ي.