اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي تاريخ ۾ سنگ ??يل جي حيثيت رکي ٿو، قرارداد لاهور ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي عظيم مقصد جي لاءِ متحد ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح، علامه اقبال ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻن جي قربانين سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿي. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ ??ست??ڪام جو راز جمهوريت ۾ لڪل آه??، جمهوري روايتن سان رواداري، هم آه??گي ۽ برداشت کي هٿي ملندي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستاني معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آه?? جڏهن ته اسان ان وچن کي ورجائڻو پوندو ته اسان بزرگن جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته هلندڙ سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو انعقاد مسلمان دنيا ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو واضح اظهار آه??. دعا آه?? ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.