اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي م??مبر ??اجا پرويز اشرف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپ??ڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپ??ڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعيفيٰ ڏ??ي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان ج?? تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان ج?? استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپ??ڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ جي ائٽم تي عملدرآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپ??ڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اشرف جو نالو ڏنو جنهن جي م??ابلي ۾ ڪنهن ٻئي اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اشرف کي بنا مقابلي اسپ??ڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپ??ڪر راجا پرويز اشرف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.