اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خ??ن جي خوني لانگ مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪرڻ بابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان چيو آهي ته رياست مخالف ڪو به لانگ مارچ ٿيو ته ان سان ??خت?? سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا عوام کي عمران خ??ن جي 25 مئي جي لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪابينا کي ??ڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ??دايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله اجلاس کي ??ڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ سڀني اهلڪارن کي ??نهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گهرو وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ??ڌايو ته رياست مخالف ڪابه لانگ مارچ ٿي ته ان سان ??خت?? سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لانگ مارچ رد ڪرڻ تي قوم کي ??بارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي ??قيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خ??ن پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو ??خت?? سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير رانا ثناءُ الله لانگ مارچ کي رد ڪرڻ تي عوام ۽ لانگ مارچ دوران خ??متون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ??ڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لانگ مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ثناءُ الله چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيان جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.