ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آه??، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پ??سن?? آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ??ندو، وزيراعظم گوادر پورٽ جو فضائي دورو ??ندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطاب ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.