گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيم?? جو دورو ڪيو، صدر ??سڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پر??گرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر ??ي پر??س ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن جي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان اهم پر??گرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر ??نفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاجي بوٽ ڪيم?? جو باقاعده افتتاح به ڪيو.