اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽ??نڊ??گ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت ??المي قانونن، اخلاقيات کي پ??رن هيٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ??هاڙي جي موقعي تي پ??هنجي پ??غام ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ??ري رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير مسئلي جو پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير مسئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.