اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي قطر جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته پرڏيهي وزير چار يورپي ملڪن جرمني، ڊيمنارڪ، سوئيڊن ۽ ناروي جو دورو ڪري رهيو آهي، اهي دورا اسان جي حصيدارين سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ سفارتڪاري کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته اسان مناسب وقت تي انهن دورن بابت وڌيڪ تفصيل کان آگاهه ڪنداسين. ترجمان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان، نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير سان 15 آگسٽ تي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي، ولي عهد پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏني، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ??ار??ي پوليس رياستي دهشتگردي جو کلي عام مظاهرو ڪندي هڪ سياسي قيدي محمد علي حسين کي ڄمون جي ??وٽ بلوال جيل ۾ آڻي ٽوف ارينا جي علائقي ۾ هڪ فرضي جهڙپ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو، جيل کان پري محمد علي حسين جو پراسرار حالت ۾ قتل والاريل ڪشمير ۾ ??ار??ي فورسز جي هٿان جعلي مقابلن ۾ قيدين جي عدالت کان مٿانهين قتل جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو آهي. ترجمان چيو ته اهو ڪنهن قيدي جو اهڙي قسم جو ٻيو عدالت کان مٿانهون قتل آهي، ان کان اڳ راولا??وٽ سان تعلق رکندڙ ضياءَ مصطفيٰ کي ڄمون ??وٽ بلوال جيل مان ڪڍي ??ار??ي فوجين پونچ جي ٻيلن ۾ آڪٽوبر 2021ع ۾ فائرنگ ۾ شهيد ڪيو هو. هن چيو ته پاڪستان ??ار?? جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پري پول ڌانڌلي جي دانسته ??ار??ي ڪوششن کي رد ڪري ٿو، والاريل علائقي جي عارضي رهواسين بشمول ٻاهرئين افرادي قوت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن کي به بطور ووٽر رجسٽر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو تازو اعلان والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊن جي نتيجن کي متاثر ڪرڻ جي ??ار??ي ڪڌي منصوبي جو حصو آهي، ڪشميرين پاڻ به مودي حڪومت جي غيرڪشميري شهرين ۽ والاريل ڪشمير ۾ عارضي رهواسين کي نام نهاد ڪشمير اسيمبلي چونڊن ۾ ووٽ وجهڻ جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان قدم سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثي?? کي نقصان پهچائڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمان اڪثري?? کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪڌي منصوبي جي خبر پوي ٿي. 2019ع ۾ خصوصي حيثيت جي خاتمي کانپوءِ ??ار?? ۾ بي جي پي جي قيادت هيٺ حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ناقابل بيان ظلم ڪيا آهن، ??ار??ي قابض فوج جي هٿان 660 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ هلندڙ سال 145 کان وڌيڪ معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو. ڳجهي ۽ سڌي سنئين غيرقانوني ڪاررواين ۾ ڪشميرين کي جعلي ڪيسن ۾ قتل ۽ گرفتار ڪرڻ کانسواءِ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ۽ انهن کي سرڪاري نوڪرين ما?? برطرفي آزادي جي تحري?? کي دٻائڻ بي رحماڻي پاليسي ۾ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جي جذبي ۽ خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي ناقابل تسخير جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا جنهن جي انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ضمانت ڏني آهي، والاريل ڪشمير جي عوام وحشياڻي ڪاررواين آڏو مضبوط بيٺل آهي ۽ انهن آگسٽ 2019ع کانپوءِ بي جي پي حڪومت جي غيرقانوني قدمن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ??ار?? جي هندوتوا کان متاثر بي جي پي حڪومت کان تشدد فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻي ۽ پرامن حل کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.