اسلام آباد– 30 8211; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته عالمي برادري پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثري?? جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ گڏيل قومن پاران اعل??ن ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي، حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻه?? جي لاءِ ريليف فنڊ پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻه?? جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيا ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان يورپين يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مشيل ٽيليفون تي رابطو ڪيو. يورپين ڪائونسل جي صدر پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ قيمتي جاني?? جي زيان ۽ ملڪيت?? جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يورپي يوني?? جي صدر جا همدردي جي اظهار ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ يورپي يونين پاران 2.15 ملين يورو جي امداد تي ٿورا مڃيا. يورپي يوني?? جي صدر کي غيرمعمولي برساتن سان سڄي پاڪستان ۾ ٿيندڙ وسيع پئماني تي تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان انساني جانين، روزگار، چوپائي مال، فصلن، نجي ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي ڇو ته ٻن مهينن کانوڌيڪ ٻوڏ جي ور چڙهيل علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم يورپي يوني?? جي صدر کي حڪومت جي ٻوڏ متاثري?? جي لاءِ ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين ۾ خوراڪ، دوائن ۽ امدادي ساما?? جي فوري په?? ۽ ورڇ شامل آهي. حڪومت سڄي ملڪ جي ماڻه?? جي لاءِ هڪ ريليف فند پڻ قائم ڪيو آهي ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ?? جي لاءِ ٻوڏ جي امدادي ڪوششن ۾ عطيو ڏيڻ جا انتظام ڪيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گڏيل قوم?? جي فليش اپيل اڱاري تي شروع ٿي وئي آهي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري گڏيل قومن پاران اعل??ن ڪيل فنڊنگ کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو وجهندي.