اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پهچڻ تي استقبال ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? گڏيل پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پ??ڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي سان ملاقات ڪئي.