اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضاف?? جو خطرو آهي، لکين گهر ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل جي تباهي سان غريبن جي بار ۾ اضافو ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خو??حا??ي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 17 آڪٽوبر تي غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي مو??عي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي مڪمل خاتمي لاءِ خوراڪ، روزگار، صحت، گهر، انصاف جي پهچ وڌائڻ سان گڏوگڏ عوام جي سياسي شموليت ۽ انهن جي اختيارن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته غربت جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي جي مو??عي تي غربت ۽ ان جي سڀني شڪلين جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. پاڪستان غربت جي خاتمي، عوام جي ترقي ۽ خو??حا??ي ۽ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته غربت ۽ بک دنيا جي انساني حقن جي خلاف آهي، ٻوڏ ۽ ٻيون قدرتي آفتون غربت ۾ اضاف?? جو وڏو سبب آهن. تازي ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضاف?? جو خطرو آهي. هن چيو ته غربت جي خاتمي، زمين ۽ ماحول جي تحفظ جي اصولن تي ڪاربند رهندو. ماحولياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪن جي مسئلن ۾ اضافو ٿيو آهي. صدر چيو ته ٻوڏ جي ڪري عالمي برادري کي پنهنجي ذميوارين جو اح??اس ڪرڻو پوندو. پاڪستان غربت جي خاتمي لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا. صدر چيو ته غربت جي خاتمي لاءِ نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، اح??اس پروگرام، صحت ڪارڊ جهڙا مختلف قدم کنيا ويا. پاڪستان مستقبل ۾ غربت جي خاتمي لاءِ قدم کڻندو رهندو.