اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا تاريخي نوعيت جا آهن، پاڪستان برطانيا سان واپار، سيڙپڪاري، سلامتي، دفاع، ثقافت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان برطانيا جي ??کڻ ايشيا ۽ دولت مشترڪه واري ملڪتي وزير لارڊ طارق احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظه??ر ڪندي چيو ته ٻطرفو واپار 3.1 ارب پائونڊ تائين پهچي ويو آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ 16 لک پاڪستانين جي مثبت ڪردار جو خصوصي حوالو ڏنو. لارڊ طارق احمد پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ??ري انساني جانين جي زيان تي برطانوي حڪومت پاران تعزيت جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ بوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ برطانيا جي حمايت تي ان ??ا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي. لارڊ طارق احمد وزيراعظم کي ٻڌايو ته برطانوي عوام ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امداد ۽ بحالي جي ??وششن ۾ تمام وڌيڪ مصروف آهن. پاڪستان ۾ ريليف ۽ بحالي جي ??من جي لاءِ برطانيا پاران وزيراعظم کي مسلسل مد?? جي خاطري ڪرائيندي لارڊ طارق احمد پاڪستان جي لاءِ اضافي 10 ملين پائونڊ امداد جو اعلان ڪيو جنهن سان برطانيا جي ٻوڏ بابت امداد جي ??ل مقدار 26.5 ملين پائونڊ ٿي وئي. وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندي زور ڏئي چيو ته ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي وارو امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهم آهي. وزيراعظم گڏيل قومن جي ??ارٽر جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت کي ورجايو. جنهن ۾ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪرڻ، ان جي استعمال جو خطرو، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام، تڪرارن جو حل ۽ سمورين رياستن جي لاءِ هڪ جهڙو تحفظ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ۽ يوڪرين جي تڪرار کي جلد ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم برطانوي مملڪتي وزير ۽ ان جي وف?? جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو.