اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي س??امتي ڪميٽي و??اق?? ۽ صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ ۽ مرڪزي سطح تي وزيراعظم جي قيادت ۾ ايپڪس ڪميٽي جوڙڻ، سي پيڪ جي منصوبن جي س??ڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، ملڪ جي جاگرافيائي س??امتي جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ ادا??ا هڪ آواز آهن، ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي س??امتي ۽ دفاع جي لاءِ ڏني ويندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي س??امتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ و??اق?? وزيرن کانسواءِ سروسز چيفس، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل عملدارن امن امان جي صورتحال تي بريفنگز ڏنيون. اجلاس ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي س??امتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان عظيم مقصد جي لاءِ شهيد ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. اجلاس شهيدن جي گهرڀاتين کي س??ام پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته شهيدن ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جرئت ۽ بهادري ۽ شجاعت جا عظيم داستان لکيا آهن. ان عزم کي ورجايو ويو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. قومي س??امتي ڪميٽي قرار ڏنو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ رياستي ادا??ا هڪ آواز آهن، پوري قوم انهن مقصدن تي نه رڳو واضح ذهن سان گڏ متحد ۽ هڪ آهي پر هر قيمت تي انهن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. قومي س??امتي ڪميٽي س??ات سميت ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ جي واقعن جو جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مرحومن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. قومي س??امتي واضح ڪيو ته پاڪستان جي هر شهري جو رت انتهائي قيمتي آهي ۽ ان کي وهائڻ ۾ ملوث هر شخص سان قانو پوري سختي سان منهن ڏيندو، اسان جي شهرين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏجي بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ تا??يخي ڪردار ادا ڪيو. قومي س??امتي ڪميٽي مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪميٽي جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪيو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي جي اداري (نيڪٽا) کي فعال بڻايو ويندو جيڪو صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن (سي ٽي ڊي) جي س??ڪاري عمل سان ڪم ڪندو. قومي س??امتي ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ و??اق?? ۽ صوبائي سطح تي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪيو وڃي. ان جو نئين سر جائزو وٺندي قدمن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن نظام کي وڌيڪ موثر رخن تي قائم ڪري سگهجي. هي نظام نگراني جا فرض به سرانجام ڏيندو ته جيئن مسلسل بهتري جو عمل جاري رهي. قومي س??امتي ڪميٽي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي منصوبن جي س??ڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ نيڪٽا سهڪاري عمل جي ذميواري سرانجام ڏيندو جڏهن ته صوبن جي ذريعي عملدرآمد ڪرايو ويندو. قومي س??امتي ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي، جتي اپ گريڊيشن گهربل آهي، ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا.