گلگت – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي حوالي سان جاري خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع جي ڏينهن ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير موڪلي عالمي قانونن جي بدترين خلاف ورزيون ڪندي پنهنجو جبري قبضو قائم ڪيو. هن چيو ته ڪشمير جي واديءَ تي 7 ڏهاڪن کان غيرقانوني ڀارتي قبضو آهي. اڄ جي ڏينهن ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا. هندوتوا نظريي جي پيروڪار مودي حڪومت مظلوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن تي ظلم جا پهاڙ ٽوڙيا. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي م??لوم ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي. خطي ۾ مستقبل امن جي لاءِ عالمي برادري گڏ??ل قومن جي قرا??دا??ن تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪ??دا?? ادا ڪن جيستائين مظلوم ڪشميري عوام ڀارت جي غاصباڻي قبضي کان آزادي حاصل نه ٿا ڪن.