اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي شديد ترين ماحولياتي ??بد??ليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ برساتن سان ملڪ جو اڪثر حصو پاڻي هيٺ آهي، معاشي بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي اين بي سي کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪوپ – 27 ماحولياتي ??بد??لي جي اثرن، نقصانن ۽ بحالي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، ماحولياتي ??بد??لي جي نقصانن کان انڪار نه ٿو ??ري سگهجي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ پڻ موسمياتي ??بد??لي جي ??ري آئي. هن چيو ته ماحولياتي ??بد??لي کي م??هن ڏيڻ، خطرن کان بچڻ ۽ بحالي جي لاءِ پوري دنيا جي م??ڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته موسمياتي ??بد??لي هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتون درپيش آهن، ٻوڏ جي ??ري پاڪستان کي شديد جاني ۽ مالي نقصان کڻڻو پيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري کي فروغ ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ق??م کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي ??بد??لي جي ??ري ايندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، دنيا کي م??سمياتي ??بد??لين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري جي اها ذميواري آهي ته اها ماحولياتي ??بد??لي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان جو حل ڳولي.