اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽر??ر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرف?? تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگا??ي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽر??ر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.