ڪراچي – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي طب، انجنيئرنگ ۽ آءِ ٽي سميت مختلف پيشيواراڻي شعبن ۾ ملڪ جي پوري تعليمي ۽ امتحاني نظام جي نئين سر جوڙجڪ کي لازمي قرار ڏين??ي چيو آهي ته ??عياري انساني وسيلا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي ??متحاني نظام کي عالمي معيار جي ??رابر آڻڻ ۽ ان جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ميڊيڪل ايجوڪيشن ڪانفرنس 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ طب جي ??عبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ 13 مختلف ملڪن جي 33 نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي نمائندن جي مان ?? ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ان ??وقعي تي خطاب ڪندي صدر ملڪ ۾ تعليمي معيار ۾ گراوٽ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته دانشورن ۽ پاڪستان جي ??عليٰ تعليم يافته طبقي جي ??ميواري آهي ته اهي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي فڪري ترقي تي خاص ڌيان ڏين ۽ انهن تي سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته ??لڪ ۾ عالمي معيار جي ??دارن جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??يڪنالاجي ۾ تيز رفتار ترقي جي ڪري پوري تعليمي نظام ۾ تبديلي ا??ي رهي آهي. پراڻو ميڊيڪل تعليمي نظام معلومات ياد رکڻ تي وڌيڪ ٻڌل هو ۽ هاڻي ٽيڪنالاجي ??ي ڪري نئين نظام ۾ فهم ۽ تجزيي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته ??صنوعي ذهانت، تصويرن ۽ معلومات جي ??ڃاڻپ ڪندڙ ٽيڪنالاجيز مختلف بيمارين جي ??هتر سڃاڻپ ۾ ڊاڪٽرن جي مدد ڪري سگهن ٿيون ۽ مختلف بيمارين جي ??مورين علامتن کي ياد رکڻ جي ??رورت کي به گهٽ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته تنهن هوندي به اها ٽيڪنالاجي پنهنجي چئلينجن کانسواءِ نه آهي ۽ چيٽ جي پي ٽي جهڙي زبان جي ماڊلز ۽ چيٽ بوٽس ۾ اڳڀرائي سان تعليمي شعبي ۾ ڪم جي معيار ۽ مقابلي ۽ تحقيق جي ??داقت ۽ اصليت تي پڻ گهرو اثر پوندو. صدر چيو ته سڄي دنيا ۾ فيصلاساز مختلف شعبن ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي ??فتار کي پوري طرح سمجهڻ کان ??اصر آهن ۽ انهن کي طب سميت مختلف شعبن ۾ تيز رفتار ترقي جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪستان کي به وقت سر فيصلا ڪرڻ، پنهنجي نظام کي جديد ڪرڻ ۽ سمورن شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي ??عبي ۾ تيز رفتار تبديلين سان ??م آهنگ ٿيڻ جي لاءِ ادارا ٺاهڻ جي ??رورت آهي. صدر امتحاني نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ انٽرويو جي ??مل ۾ انساني تعصب تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انگن اکرن جي ??ستعمال تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته امتحاني عمل تي به تحقيق ڪرڻ گهرجي ۽ معياري ۽ بهتر تربيت يافته ??يشيور ماڻهو پيدا ڪرڻ جي لاءِ فرسوده طريقن کي جديد طريقن سان تبديل ڪرڻ گهرجي. ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڪاميابي جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ ۾ تعليم فراهم ڪرڻ جي ??وايتي ذريعن سان گڏوگڏ آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام متعارف ڪرائڻ تي زور ڏنو ته جيئن مختصر وقت ۾ گريجوئيٽس جي ??نگ ۾ اضافو ڪري سگهجي. صدر 1062ع کان ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان جي ??ب ۾ شاندار خدمتن کي پڻ ساراهيو.