اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) واشنگٽن ڊي سي ۾ اعليٰ سطحي نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ منعقد ڪندڙ ا??ار?? پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? کي نوجوان ۽ مت??رڪ پرڏيهي وزير طور تسليم ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زر??ار?? کي نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي هُئي جٿي هُن اهم مقرر جي حيثيت سان خطاب ڪيو، ناشتي ۾ آمريڪا ۽ سڄي دنيا مان 1400 کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب جو اهتمام ڪندڙ فائونڊيشن پرڏيهي وزير کي هڪ نوجوان ۽ مت??رڪ پرڏيهي وزير طور تسليم ڪيو. نيشنل پريئر بريڪ فاسٽ هڪ اعليٰ سطحي ايونٽ آهي، جيڪو 1953ع کان هر سال منعقد ٿئي ٿو جيڪو عقيدي ۽ جمهوريت جي اهميت تي اهم زور سان گڏ موجوده مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ آمريڪي ۽ عالمي اڳواڻن کي پليٽ فارم مهيا ڪري ٿو. هن سال جي ايونٽ ?? اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻه پڻ شرڪت ڪئي.