اسلام آباد – 14 – في??رو??ي (اي پي پي) پاڪستان والاريل فلسطين جي اولهندي ڪناري جي علائقي ۾ بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي ??سر??ئيل جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ 9 بستين کي قانوني حيثيت ڏيڻ جي ??سر??ئيل جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪري ٿو. اها عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن جي واضح خلاف ورزي آهي. اهو قدم فلسطيني عوام جي حقن کي وڌيڪ پائمال ڪري ٿو. ترجمان چيو ته غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو ??سر??ئيلي قدم ڇڪتاڻ صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان پهچائيندو. عالمي برادري کي ??سر??ئيل کي اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪ??ششون ڪرڻيون پونديون جيڪي ٻه رياستي حل حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ??ن بڻيون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ فلسطيني ڪاز جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجائي ٿو ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪ??ڻ جو مطالبو ڪري ٿو جنهن جو گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.