اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو، جتي هو پاڪستان نيوي جي اهتمام هيٺ جاري عالمي گڏيل سامونڊي مشقن جو معائنو ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل سامونڊي مشقن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي سامونڊي فوجن جا دستا شريڪ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻن سالن کانپوءِ ??يندڙ انهن مشقن جو بن??ادي مقصد سامونڊي ڌاڙيلن، دهشتگردن، منشيات ۽ هٿيار اسمگلرن جي خلاف موثر گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم سامونڊي ڌاڙيلن جي خلاف گڏيل ڪارروائي جو مظا??رو ڏسڻ کانسواءِ ??ين سامونڊي مشقن ۽ پيشيواراڻي مهارتن جو جائزو به وٺندو.