لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئر??ين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلز??ار??ي جي باني ميمبر حبيب الرحمان عرف ماني پهلوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چيئر??ين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ماني پهلوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ماني پهلوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پٽن سان ڳالهائيندي چيئر??ين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ماني پهلوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پهلوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئر??ين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز??ار??ي جيالي ماني پهلوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.