اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهدي??ار?? عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عمل??ار?? شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ??رڪ??ن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عمل??ار?? کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حصي??ار?? به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عمل??ار?? وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪ??ي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عمل??ار?? کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ا??ار?? کي هدايت ڪئي ته پوليو ??رڪ??ز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري ??وم?? وزارت جي عمل??ار?? کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.