ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاو?? ڀٽو زرداري استادن جي قتل جي واقعن تي پنهن??ي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي بابت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن ??ي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بلاو?? ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ۽ مارجي و??ل استادن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.