اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي ا??وا??ن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود ا??مد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غي??قانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ا??وا??ن اڻٿڪ حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.