اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لڌا، ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ لانس نائيڪ محمد صابر جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد جي گهرڀاتي?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان عظيم فرزند جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪستاني قوم پنهنجي بقاء?? جي لاءِ جانيون قر??ان ڪندڙ پنهنجي عظيم سپاهي?? جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.